وارهه (ويب ڊيسڪ) وارهه ڀرسان پراڻي تڪرار تان مهمان ٿي ويل پيرسن قتل.
ڳوٺ خير محمد ٻرڙو ۾ رات ديرسان هٿياربندن گهر ۾ داخل ٿي مهمان ٿي آيل ميهڙ واسي پيرسن فقير غلام حسين چانڊيو کي قتل ڪري ڇڏيو.
اطلاع تي پوليس پهچي لاش اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.
وارثن جو چوڻ آهي ته پراڻي دشمني تان هٿياربندن اسان جي پيرسن کي قتل ڪيو، اسان سان انصاف ڪيو وڃي.