مديجي (ويب ڊيسڪ) مدئجي ڀرسان ٻن ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان فائرنگ ۾ 2 ڄڻا قتل ٿي ويا.
ڳاهيجا ٿاڻي جي حد ڳوٺ ماڻڪ جي وانڍ ۾ هٿياربندن ٻن ڄڻن تي فائرنگ ڪري اربيلو جتوئي ۽ حڪيم جتوئي کي گولين جو کاڄ بڻايو.
جوابدار فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، پوليس موجب واقعو پراڻي تڪرار تان پيش آيو، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.