اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) حڪومت پيٽروليم شين جي اگھن گھٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو، پيٽرول 50 پئسا ۽ ڊيزل 5 رپيا 31 پئسا في ليٽر سستو ڪيو ويو.
پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ جو نوٽيفڪيشڻ جاري ڪيو ويو، لائٽ ڊيزل 2 رپيا 47 پئسا ۽ گاسليٽ جي قيمت ۾ 3 رپيا 53 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي.