ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي هدايتن تي ٽرانسپورٽرز خلاف ڪارروايون، روڊ چيڪنگ ڪميٽي جو ڪراچيءَ جي مختلف علائقن ۾ ڪريڪ ڊائون
ڪريڪ ڊائون دوران هڪ هزار 856 گاڏين جا چالان، 88 ڊرائيور گرفتار، 195 گاڏيون ضبط ڪري، قانون جي ڀڃڪڙي تي 31 لک 32 هزار 20 روپين جو ڏنڊ وصول ڪيو ويو.
صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته روڊ سيفٽي کي يقيني بڻائڻ پهرين اوليت آهي، غير ذميواراڻي ڊرائيونگ ۽ ناقص گاڏيون عوام جي جان لاءِ خطرو آهن.
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙيون ڪندڙن خلاف ڪارروايون جاري رهنديون.