اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) عالمي بينڪ پاڪستان جي معيشت ۾ بهتري جو اعتراف ڪري ورتو.
20 ارب ڊالر جي ترقياتي قرض تي ٻڌل ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ تحت 10 سالن جي معاهدي جو اعلان.
ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بن هيسن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ معاشي استحڪام مضبوط ٿئي پيو.جنهن بنياد تي پاڪستان سان ڀائيواري کي مضبوط ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
سي پي ايف 2026ع کان شروع ٿيندو، جيڪو پاڪستان جي ترقي ۾ اهم ثابت ٿيندو.
پروگرام تحت رقم صاف پاڻي، توانائي، ماحولياتي بحالي ۽ ٻين ترقياتي منصوبن لاءِ استعمال ڪئي ويندي.