اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداريءَ حڪومت کان هڪ سال جي ڪارڪردگي رپورٽ طلب ڪري ورتي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 10 مارچ تي سڏائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
صدر آصف زرداري جي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪرڻ کان اڳ، حڪومت کان هڪ سال جي ڪارڪردگي رپورٽ گهري وئي آهي.
صدر آصف علي زرداري پنهنجي خطاب ۾ حڪومت جي هڪ سال جي ڪارڪردگي جي مکيه نقطن جو ذڪر ڪندو.
صدر آصف علي زرداري پنهنجي خطاب ۾ ڪشمير ۽ فلسطين سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به ڳالهائيندو.
مخالف ڌر جي امڪاني احتجاج کي نظر ۾ رکندي صدر مملڪت جي خطاب جو عرصو 20 کان 25 منٽ رکيو ويو آهي.