لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافيءَ ۾ بدترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ کان پوءِ پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٽي 20 سيريز لاءِ نوجوان رانديگرن کي موقعو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب نيوزيلينڊ جي دوري جي سلسلي ۾ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جي پرفارمرز کي لاهور طلب ڪيو ويو آهي ۽ نوجوان ڪرڪيٽرن جي بورڊ جي عهديدارن سان جلد ملاقات جو امڪان آهي.
قومي ٽيم 12 مارچ تي نيوزيلينڊ رواني ٿي ويندي، جتي پهرين مرحلي ۾ 5 ٽي 20 ميچن جي سيريز 16 مارچ کان شروع ٿيندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاران ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026ع جي تياري بابت نوجوان ڪرڪيٽرز تي ڀاڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.