ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ شاگردياڻي مهڪ مقبول وچ ۾ شطرنج جو مقابلو مهڪ مقبول کٽي ورتو.
شاگردياڻي مهڪ مقبول وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي شطرنج جي راند ۾ شڪست ڏئي ڇڏي.
مهڪ مقبول انڊر 18 ٽائٽل کٽي قومي جونيئر چيمپئن جو اعزاز پنهنجي نانءُ ڪري ورتو، مهڪ مقبول شطرنج فيڊريشن جي انتظام هيٺ نيشنل يوٿ چيمپئن شپ به کٽي چڪي.
وڏي وزير مراد علي شاهه شطرنج چيمپئن مهڪ مقبول کي مقابلي جي دعوت ڏني هئي، تعليم واري وزير سردار شاهه، محمد بخش مهر، زاهد عباسي، عليم لاشاري به مقابلو ڏٺو.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي شرنج ۾ هارائڻ کان پوءِ وڏي وزير سميت سمورن ڪابينا ميمبرن مهڪ مقبول کي داد ڏنو.