لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر چيو آهي ته برطانيا فرانس ۽ ٻين ملڪن کي يوڪرين سان گڏ جنگ روڪڻ واري منصوبي تي ڪم ڪرڻو پوندو جيڪو آمريڪا آڏو پيش ڪيو ويندو.
آمريڪي صدر ٽرمپ ۽ زيلنسڪي ۾ ملاقات بعد 18 ملڪن طرفان لنڊن ۾ يوڪرين جي حمايت ۾ اجلاس دوران برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر چيو ته سمورن شريڪ ڪندڙ سربراھن جو گڏيو فيصلو آھي ته جيستائين جنگ جاري رھندي يوڪرين کي فوجي امداد ڏني ويندي.