دبئي (اسپورٽس نيز) آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي جي اهم ميچ ۾ ڀارت نيوزيلينڊ کي 44 رنس تان شڪست ڏئي ڇڏي.
250 هدف پٺيان نيوزيلينڊ ٽيم 46 هين اوور ۾ 205 رنس تي آل آئوٽ ٿي وئي.
نيوزيلينڊ جي ڪين وليمسن 81 ۽ مچل 28 رنس ٺاهيون.
نيوزيلينڊ جي ٽيم کان کٽڻ بعد ڀارت پهرين سيمي فائنل ۾ آسٽريليا سان مهاڏو اٽڪائيندو.