ڳيريلو (ويب ڊيسڪ) ڳيريلي ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پوليس اهلڪار قتل.
ڪنبي لاڙي ڀرسان اڻ ڃاتل هٿياربندن پوليس اهلڪار محمد رفيق شيخ کي گوليون هڻي فرار ٿي ويا.
پوليس موجب اهلڪار باقراڻي کان پنهنجي ڳوٺ وڃي رهيو هو ته هٿياربندن گوليون هڻي کيس زخمي ڪري ڇڏيو.
زخمي اهلڪار کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال نيو پئي ويو ته هُن دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو.