خيبرپختونخوا (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا حڪومت وفاق کان افغانستان سان ڳالهين لاءِ ٽي او آرز جي جلد منظوري جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
صوبائي صلاحڪار بئريسٽر محمد علي سيف چيو آهي ته صوبائي حڪومت هنگامي بنيادن تي هڪ وفد افغانستان موڪلڻ چاهي ٿي.
وفاقي حڪومت افغانستان سان ڳالهين لاءِ ٽي او آرز جي جلد منظوري ڏئي، ماڻهن جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪي پي حڪومت جي پهرين ترجيح ۽ ذميواري آهي.
جيڪڏهن وفاق کي پنجاب ۽ سنڌ جي وڏن وزيرن جي پرڏيهي دورن تي ڪو اعتراض ناهي ته پوءِ وفاق کي هن اهم مسئلي تي سياست ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.