بيجنگ (انٽرنيشنل ڊيسڪ) چين طرفان آمريڪا تي جوابي واڌو ٽيرف لڳائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
چيني پرڏيهي وزارت چيو آهي ته ايندڙ هفتي آمريڪي زرعي شين تي نوان ٽيڪس لاڳو ڪيا ويندا جن ۾ پولٽري، ڪڻڪ، مڪئي ۽ ڪپهه تي اضافي 15 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو
جوئر، گوشت ۽ ايڪو ٽڪ شين تي اضافي 10 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ٿيندو، ميون، ڀاڄين ۽ ڊيري شين تي 10 سيڪڙو اضافي ٽيرف لاڳايو ويندو.