اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي باني سربراهه اڪبر ايس بابر چيو آهي ته پي ٽي آءِ ۾آمريت قائم آهي، پارٽي تي غير لاڳاپيل ماڻهن جو قبضو آهي.
انٽرا پارٽي اليڪشن جو ڪوڙو ڊرامو ڪيو ويو، پي ٽي آءِ جي تنظيم جي ڪا به قانوني حيثيت ناهي رهي.
اڪبر ايس بابر چيو ته پارٽي ۾ آئين لاڳو نه ڪندڙ جماعت ملڪ ۾ ڪهڙو آئين لاڳو ڪندي.
پي ٽي آءِ جي حقيقي جمهوريت لاءِ ڪيل جدوجهد جي دعويٰ ڪوڙي آهي، پارليامينٽ ۾ پنهنجي پگهارون وڌائڻ لاءِ سڀ گڏ ٿي ويا.