اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته ڪجهه عنصرن کان معيشت جي بهتري هضم نه پئي ٿئي، اسان معيشت کي بچايو.
قرضن مان ڇٽڪارو تمام گهڻو ضروري آهي، سندس چوڻ آهي ته ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ اسان سڀني جي اجتماعي ذميواري آهي.
اسحاق ڊار چيو ته مستقبل ۾ مضبوط معيشت جي ضرورت آهي، معيشت جي بهتري لاءِ نوجوان پنهنجون صلاحتيون استعمال ڪن، ايندڙ ڏينهن ۾ چئلنجز جو بهتر انداز ۾ مقابلو ڪيو ويندو.
ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جو چوڻ آهي ته جديد ٽيڪنالاجي کي نظر ۾ رکندي پاليسي جوڙي رهيا آهن.
ادارن ۾ سڌارن وارو عمل جاري آهي، ملڪ جي معيشت بهتري طرف وڌي رهي آهي، پاڪستان ۾ سيڙپڪارن لاءِ ڪيترائي موقعا موجود آهن.