اسلام آباد (نيشنل ديسڪ) وزيراعظم شهباز شريف طرفان آمريڪي صدر ٽرمپ جي بيان جي آجيان ڪئي وئي آهي.
وزيراعظم جو چوڻ آهي ته ٽرمپ جو بيان دهشتگردي خلاف پاڪستان جي قربانين جو اعتراف آهي.
دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستاني ڪوششن جو اعتراف سٺو سنئوڻ آهي.
وزيراعظم چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف 80 هزار جانين جي قرباني ڏني، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ قيادت ۽ عوام پرعزم آهي. وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته آمريڪا سان علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ ڀائيواري جاري رهندي.