بنون (نيشنل ڊيسڪ) دهشتگردن طرفان ڌماڪيدا مادي سان ڀريل 2 گاڏيون بنون ڇانوڻيءَ جي عمارت ۾ موجود هاءِ سڪيورٽي زون ۾ داخل ڪرڻ جي ڪوشش کي فورسز ناڪام بڻائي ڇڏيو.
دهشتگردن بارود سان ڀريل گاڏيون ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو نتيجي ۾ 5 عورتن ۽ 4 ٻارڙن سميت گھٽ ۾ گھٽ 11 ماڻهو مارجي ويا جڏهن ته 22 زخمي ٿي پيا.
بنون ڪينٽ ٿاڻي جي حدن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 6 خارجي دهشتگرد به مارجي ويا.
هٿياربندن ڇانوڻيءَ جي علائقي ۾ داخلي دروازن تي مقرر سيڪيورٽي اهلڪارن طرفان گاڏين کي روڪڻ کان پوءِ گيٽ تي موجود گاڏين کي ڌماڪن سان اڏايو ويو.
سرڪاري ذريعن موجب ڌماڪن بعد اڻڄاتل دهشتگردن ڪئمپ ۾ گھڙڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ شروع ٿي وئي.
دهشتگردن پاران اهڙو حملو افطار کان پوءِ ساڍي 6 وڳي شروع ٿيو، حملي دوران دهشتگردن آر پي جي ۽ دستي بم حملا به ڪيا.