تازہ ترین

بلاول ڀٽو زرداري جيڪي واعدا ڪيا اهي پورا ڪيا ويندا: مراد علي شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پهرين مرحلي ۾ 2 لک سولر هوم سسٽم ورهايا ويندا، اڳئي مرحلي ۾ وڌيڪ 3 لک سولر سسٽم ورهايا ويندا.

تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته  وفاقي حڪومت جي سولر تي پابندي باوجود سنڌ حڪومت سولر جي شروعات  ڪئي.

وفاقي سرڪار ونڊ ۽ سولر انرجي منصوبن تي پابندي لڳائي هئي، سنڌ حڪومت اڇڙو ٿر جي ٻن ڳوٺن مان سولر سسٽم جي شروعات ڪئي.

وڏي وزير چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جيڪي واعدا ڪيا اهي پورا ڪيا ويندا، ورلڊ بينڪ جي سهڪار سان سولر منصوبو اهم آهي، هر ضلعي کي روشن بڻايو ويندو.

مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت جي قدمن سان عوام کي رليف ملندو، سنڌ حڪومت عالمي معيار موجب منصوبا شروع ڪيا آهن.

ٿر جي ڪوئلي تي اعتراض واريا ويا ته ڪم نه ڪندو، اڄ ٿر مان سڀ کان سستي بجلي پيدا ٿي رهي آهي، سنڌ جي وڏين عمارتن کي سولر تي منتقل ڪيو پيو وڃي.

سي ايم سنڌ چيو ته لوڊشيڊنگ باوجود وفاق چوي پيو اسان وٽ بجلي گهڻي آهي، حقيقيت اها آهي ته وفاق، سنڌ کي بجلي فراهم نه پيو ڪري سگهي.

ٿرڪول منصوبو ان شرط تي شروع ٿيو ته ناڪامي جي صورت ۾ پيسا سنڌ ڀريندو، ٿرڪول منصوبو ناڪام ٿيوڻ جي صورت ۾ اين ايف سي مان ڪٽوتي جو چيو ويو.

مراد لي شاهه چيو ته توانائي کاتي پاران 270 ميگاواٽ جا سولر پارڪ لڳايا پيا وڃن، سولر پارڪ مان9 رپيا 80 پيسا في يونٽ بجلي ملندي.

وڏي وزير چيو ته ڊائو يونيورسٽي، جناح اسپتال سميت 310 عمارتن کي سولرائيز  ڪيو پيو وڃي، سولر سسٽم بي آءِ ايس پي تحت رجسٽرد خاندانن کي ڏنو پيو وڃي.

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com