غزا (انٽرنيشنل ڊيسڪ) حماس، آمريڪا سان ٿيل سڌي ريت ڳالهين جي تصديق ڪري ڇڏيو.
حماس ترجمان جو چوڻ آهي ته مغوين جي آزاديءَ بابت آمريڪا سان سڌيون ڳالهيون ٿي رهيون آهن.
آمريڪي اختيارين سان آمريڪي شهريت رکندڙ اسرائيلي قيدين بابت ڳالهيون ٿيون، تازو دوحا ۾ حماس ۽ آمريڪي اختيارين وچ ۾ سڌي ريت ڳالهيون ٿيون.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته حماس مغوين کي آزاد نه ڪيو ويو ته کين سخت نتيجا ڀوڳڻا پوندا، حماس لاءِ هي آخري وارننگ آهي، مغوين کي آزاد ڪري.