ٽنڊو باگو (ويب ڊيسڪ) ٽنڊي باگي ڀرسان هلندڙ رڪشا تي فائرنگ جي نتيجي ۾ نوجوان قتل ٿي ويو، رڪشا ڪلٽي ٿيڻ سبب عورتن سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ماڻڪ واهه ڀرسان اڻ ڃاتل هٿياربند رڪشا ڊرائيور شمن ڪهيري کي گولي هڻي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا.
رڪشا ڪلٽي ٿيڻ سبب عورتن سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا، واقعي بعد مقتول جو لاش ۽ زخمي اسپتال منتقل ڪيو ويو.