ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عورت جو ايف آءِ اي عملدارن تي ھراسان ڪرڻ جو الزام، سنڌ هاءِ ڪورٽ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، ايف آءِ اي اختيارين کان 16 اپريل تي جواب طلب.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست گذار جي وڪيل جو چوڻ آهي ته شازيه جي مڙس تي پرڏيهي مٽاسٽا جي قانونن جي ڀڃڪڙي جو ڪيس هلي رهيو آهي.
عورت جو پنهنجي مڙس جي ڪاروبار سان ڪو به واسطو ناهي، ايف آءِ اي شازيه خاتون کي بار بار نوٽيس جاري ڪري هراسان پئي ڪري.
ايف آءِ آفيسرن کي عورت کي تنگ ڪرڻ کان روڪيو وڃي ۽ ڪال اپ نوٽيس واپس وٺڻ جو حڪم ڏنو وڃي.