ڪنڌڪوٽ (ويب ڊيسڪ) ڪنڌڪوٽ ۾ شوروم تان چار موٽر سائيڪلون چوري، بدامني خلاف واپارين جو احتجاجي مظاهرو.
مظاهري دوران اڳواڻن جو چوڻ هو ته گذريل رات چور شوروم تان چار موٽر سائيڪلون چوري ڪري فرار ٿي ويا.
پوليس ڏوھارين خلاف ڪا ڪارروائي نه ڪئي آھي، چوري ٿيل موٽرسائيڪل واپس ڪرائي بدامني تي ضابطو آندو وڃي.