ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ حادثن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا.
نوري آباد ويجهو موٽر وي ايم نائن تي مزدا ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي، حادثي ۾ ڪراچي واسي محمد عرفان فوت ٿي ويو.
جيڪب آباد لڳ پير مھر شاهه ڀرسان ڪوچ جي ٽڪر ۾ ڳوٺ ذيشان پنھور واسي پيرسن الهه بخش پنھور حياتي وڃائي ويٺو.
حيدرآباد ريلوي اسٽيشن ويجھو ڪشمور واسي مسافر عبدالرحمان سميجو ريل گاڏي مان ڪِري فوت ٿي ويو.