دائو جهانپور (ويب ڊيسڪ) دائو جهانپور ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 3 سئوٽ قتل.
ميرانپور ٿاڻي جي حد سم شاخ وٽ فائرنگ ۾ 3 ڄڻا ٿڏي تي مارجي ويا.
مارجي ويلن ۾ ڳوٺ مهراب کوسو واسي رحيم بخش کوسو، ظهور کوسو ۽ معشوق کوسو شامل.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي اطلاع تي پهچي لاشن کي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ روانو ڪرايا آهن، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.