اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت ڪيسن جي ٻڌندڙ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اسپيشل بينچ ٽٽي وئي.
جسٽس ارباب محمد طاهر بينچ ۾ ويهڻ ۽ ڪيس ٻڌڻ کان معذرت ڪري ڇڏي.
اسپيشل بينچ جسٽس محسن اختر ڪياني جي سربراهي ۾ گم ٿيل ماڻهن جي ڪيسن جي ٻڌڻي ڪري رهيو هو.
جسٽس محسن اختر ڪياني جو چوڻ آهي ته بينچ جي نئين سر جوڙجڪ لاءِ فائل وقتي چيف جسٽس کي اماڻين ٿا.