ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ سرڪار پاران نرسنگ ڪاليجن ۾ ٿيندڙ داخلائون آءِ بي اي سکر ذريعي ڪرائڻ جو فيصلو.
سال 2024.25 جي سيشن لاءِ ٿيندڙ امتحان آءِ بي اي يونيورسٽي ذريعي ڪرائڻ بابت نوٽيفڪيشن جاري.
نرسنگ ڪاليجن ۾ بيچلر آف سائنس اِن نرسنگ، جينرڪ ۽ بي ايس اين جَي ڊگري پروگرام لاءِ داخلائن وارو امتحان آءِ بي اي يونيورسٽي سکر وٺندي.
سنڌ جي صحت کاتي لاڳاپيل ادارن کي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڄاڻ ڏني وئي آهي.