تهران (انٽرنيشنل ڊيسڪ) ايراني اختيارين آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان خط ملڻ جي ترديد ڪري ڇڏي.
ايراني عملدارن جو چوڻ آهي ته اڃا آمريڪي صدر ٽرمپ جو سپريم ليڊر جو خط نه پهتو آهي.
موجوده صورتحال ۾ آمريڪا سان سڌي طرح ڳالهيون ممڪن ناهن، جيستائين دٻاءُ واري آمريڪي پاليسي جاري رهندي.
ايراني اختيارين جو وڌيڪ چوڻ آهي ته آمريڪا سان ايٽمي مسئلي تي سڌي ريت ڳالهين جو ڪو به امڪان ناهي.