پشاور (نيشنل ڊيسڪ) جي يو آءِ سينيٽر ڪامران مرتضيٰ چيو آهي ته لڳي ٿو علي امين گنڊاپور ڪنهن ٻئي جي ايجنڊا تي ڪم ڪري پيو، جنهن ڪري هن مولانا فضل الرحمان تي تنقيد ڪئي آهي.
اهو سڀ ڪجهه پري پلانڊ لڳي پيو، جي يو آءِ سينيٽر ڪامران مرتضيٰ جي ڪي پي وڏي وزير تي تنقيد ڪندي چيو ته علي امين گنڊاپور ڄاڻي واڻي ڇيڙيندو آهي.
هن ماضي ۾ ٻه ڀيرا ڪارڪنن جي همت ٽوڙي ۽ غائب ٿي ويو، هو گم ٿيڻ واري هنڌ جي ايجندا تي عمل ڪري پيو.
جي يو آءِ اڳواڻ حافظ حمدالله جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ قيادت کي گنڊاپور کي لغام ڏيڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ هو سخت جواب ڏيڻ تي مجبور ٿي ويندا.