جدو (انٽرنيشنل ڊيسڪ) او آءِ سي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي فلسطينين کي ڪڍڻ واري منصوبي کي رد ڪري ڇڏيو.
جدي ۾ اسلامي سهڪاري تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جو اجلاس ٿيو، ميمبرن طرفان عرب منصوبي تحت غزه جي نئين سر تعمير جي حمايت ڪئي وئي.
او آءِ سي جي سربراهه حسين ابراهيم طحه چيو آهي ته هو غزه جي نئين سر تعمير جي عرب ليگ جي منصوبي جي حمايت ڪن ٿا ۽ فلسطيني عوام جي جبري نيڪالي بابت بيانن کي رد ڪن ٿا.