ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي قيادت هميشه عورتن جي حقن ۽ انهن جي تحفظ کي ترجيح ڏني آهي،سنڌ حڪومت عورتن کي برابر حق ۽ موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون.
سينئر وزير عورتن جي عالمي ڏينهن تي پيغام ڏيندي چيو ته سماج جي ترقي، استحڪام ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ سڀني عورتن کي سلام پيش ڪريون ٿا.
هن چيو ته پيپلز پارٽي جي قيادت هميشه عورتن جي حقن ۽ انهن جي تحفظ کي ترجيح ڏني آهي.
سينيئر وزير چيو ته سنڌ حڪومت پيپلز پارٽي جي منشور موجب عورتن کي برابر حق ۽ موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ويزن جي مطابق عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ عملي قدم کنيا آهن.
شرجيل ميمڻ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري دنيا جي سڀ کان وڏي هائوسنگ اسڪيم تحت عورتن کي گهر، جِي مالڪي جا حق ڏئي رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو عورتن کي بنيادي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ليڊي هيلٿ ورڪرز پروگرام متعارف ڪرايو.
سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته ليڊي هيلٿ ورڪرز پروگرام اڃا تائين ملڪ جي لکين عورتن ۽ ٻارن کي صحت جون سهولتون فراهم ڪري رهيو آهي.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته بي زمين هارين کي زمين فراهم ڪرڻ جي تاريخي پاليسي تحت، عورت هارين کي به زمين ڏني پئي وڃي ته جيئن اهي معاشي طور تي خودمختيار بڻجي سگهن.
شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو لاڙڪاڻي ۽ شهيد بينظير آباد ۾ گرلز ڪيڊٽ ڪاليجن جو قيام ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته هو عورتن کي برابر تعليمي موقعا فراهم ڪري رهيا آهن.
سينيئر وزير چيو ته عورتن لاءِ پنڪ بس سروس شروع ڪئي وئي آهي ته جيئن اهي بنا ڪنهن خوف ۽ خطري جي پنهنجون سرگرميون جاري رکي سگهن.