ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب ماڙيپور ۾ اسٽيڊيم جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو.
پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب بعد ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب جو چوڻ هو ته ماڙيپور جي رهواسين سان ڪيل واعدو پورو ڪيو پيو وڃي.
هن وڌيڪ چيو ته 164ملين رپين جي سيڙپ سان جديد اسٽيڊيم تعمير ڪيو پيو وڃي، جنهن جي تعمير سان هتان جي نوجوانن کي فائدو ٿيندو.