خيرپور (ويب ڊيسڪ) خيرپور ۾ گهر اندر رڌ پچاءُ دوران گئس سلينڊر ڦاٽڻ جي نتيجي ۾ 5 گهرڀاتي زخمي ٿي پيا.
لقمان ڪالوني ۾ پوسٽ آفيس ڀرسان گهر اندر گئس سيلينڊر ڌماڪي سان ڦاٽي پيو.
سلينڊر ڌماڪي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 5 گهرڀاتي زخمي ٿي پيا، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.