سڪندر آباد (ويب ڊيسڪ) سڪندرآباد ويجهو ڀت ڪرڻ سبب 2 معصوم ڀاءُ ڀيڻ دٻجي فوت ٿي ويا.
ڳوٺ اسماعيل راڄڙ ۾ پاڻي جي ٽانڪي جي ڀت ڪري پئي، 6ورهين جو طالب راڄڙ ۽ 4 ورهين جي مريم راڄڙ ڀت جي ڍير هيٺان دٻجي فوت ٿي ويا.
وارثن ڀاءُ ۽ ڀيڻ کي چونڊڪو اسپتال آندو، ڊاڪٽر ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، مڙهه گهر پهچڻ تي روڄ راڙو مچي ويو.