تازہ ترین

نيوزيلينڊ کي شڪست، ڀارت ٽيون ڀيرو چيمپئنز ٽرافي جو فاتح بڻجي ويو

دبئي (اسپورٽس ڊيسڪ) ڀارت آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي 2025 جي فائنل ۾ نيوزلينڊ کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽيون ڀيرو چيمپئنز ٽرافي کٽڻ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو.

دبئي ۾ ٿيندڙ ميچ ۾ نيوزيلنڊ ڪپتان مچل سينٽنر ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ نيوزيلينڊ جي سموري ٽيم مقرر 50 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 251 رنسون اسڪور ڪيون. ڀارت هدف 49 هين اوور ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو.

ڪيوي ٽيم کي پهريون نقصان ول ينگ جي صورت ۾ 57 رنسن تي ٿيو، ورون چڪروردي کيس آئوٽ ڪيو.

جڏهن ته 69 رنسن تي اوپنر راچن رويندر اسپنر ڪلديپ ياديو جو شڪار بڻيو، جڏهن ته ٽيم جي مجموعي 75 اسڪور تي ڪلديپ يادو ڪين وليمسن کي آئوٽ ڪيو.

ڪي وي ٽيم جي چوٿين وڪيٽ ٽام ليٿم جي هئي جنهن کي رويندرا جڊيجا آئوٽ ڪيو، ڀارت خلاف نيوزيلنڊ جي پنجين وڪيٽ 165 رنسن تي ڪري جڏهن گلين فلپس 34 رنسن تي ورن چڪروردي جي بال تي آئوٽ ٿيو.

ڀارت خلاف نيوزيلينڊ جي ڇهين وڪيٽ 211 رنسن تي ڪري جڏهن ڊيرل مچل 63 رسن جي اننگ کيڏي محمد شامي جي بال تي آئوٽ ٿيو.

ڀارت خلاف نيوزيلينڊ جي ستين وڪيل 239 رنسن تي ڪري ۽ ڪپتان مچل سينٽنر8 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.

ٽارگيٽ پويان ڀارت جي شروعات مضبوط رهي ۽ اوپنر روهت شرمان ۽ شڀمن گل 105 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي.

ڀمن گِل 31 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، روهت شرما 76 رنسن تي ڪيچ آئوٽ تي پويلين ڏانهن موٽيو.

ورات ڪوهلي هڪ رنسن ٺاهي رن آئوٽ ٿيو، هاردڪ پانڊيا 18 ۽ اڪشر پٽيل 29 رنسون ٺاهيون، شرياس آئير 48 رنسون ٺاهيون ۽ ايل راهول 34 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيو.

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com