گمبٽ (ويب ڊيسڪ) گمبٽ ڀرسان ڳوٺ لولائي ٿيٻا واسي فوجي جوان ڪوهاٽ ۾ دهشتگردن سان وڙهندي شهيد ٿي ويو.
نوجوان جي شهاديت واري اطلاع ملڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، شڪيل احمد ٿيٻو جو مڙهه سڀاڻي اباڻي ڳوٺ آندو ويندو.
دهشتگردن سان وڙهندي شهيد ٿيندڙ شڪيل احمد ٿيٻو کي سڀاڻي فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو.