اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چين، ملائيشيا، ترڪيه ۽ سعودي عرب سميت 8 ملڪن مان 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 67 پاڪستاني بيدخل ڪيا ويا.
14 ڄڻن کي حراست ۾ وٺي اسمگلنگ جي خاتمي واري سيل منتقل ڪيو ويو، عراق، ڪمبوڊيا، گڏيل عرب امارات، قبرص مان به پاڪستاني ڊي پورٽ ڪيا ويا.
ڊيپورٽ ٿيل پاڪستانين تي خيرات گهرڻ، منشيات فروشي، ڪم مان فراريت، غير قانوني داخلا، بليڪس، فراڊ ۽ چوري سميت مختلف الزام لڳايا ويا.