ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي خلاف احتجاج جو سلسلو جاري.
سنڌ جي سياسي سماجي قومپرست تنظيمن، سول سوسائٽي ۽ شاگردن جون احتجاجي ريليون، مظاهرا ۽ ڌرڻا هڻي گمبٽ، ڪرونڊي، نندو، نصير آباد، ڊگهڙي ۽ يارو لنڊ ۾ احتجاج ڪيو ويو.
اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ اڳ ئي پاڻي جي کوٽ آهي، مٿان وري ڪئنال ٺاهي سنڌو درياءَ جي پاڻي تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي، سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو ورتاءُ بند ڪيو وڃي.