اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس اڄ منجهند ٽين وڳي ٿيندو.
صدر مملڪت آصف علي زرداري گڏيل پارليامينٽ جي اهم اجلاس کي خطاب ڪندو.
وزيراعظم شهباز شريف پاران ايوان صدر آمد تي صدر آصف علي زرداري پاران سندس آجيان ڪئي ويندي.
خطاب کان اڳ صدر جي اسپيڪر جي چيمبر ۾ وزيراعظم سان ملاقات ٿيندي.
صدر آصف علي زرداري خطاب ۾ حڪومت جي هڪ سال جي ڪارڪردگي تي روشني وجهندو.