اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ طرفان سپر ٽيڪس ڪيس جي ٻڌڻي روزاني بنيادن تي ڪرڻ جو فيصلو.
ان موقعي تي جسٽس امين الدين رمارڪس ڏيندي چيو ته جسٽس عامر فاروق اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ معاملي تي فيصلو ڏئي چڪو آهي، آئيني بينچ ٻيهر جوڙي ويندي.
عدالت ڪيس جي ٻڌڻي عيد الفطر کانپوءِ ڪرڻ جي ڪمپني جي وڪيلن جي درخواست رد ڪري ڇڏي.
جسٽس محمد علي مظهر چيو ته فروغ نسيم صاحب، هي ڪيس عيد تائين مڪمل نه ٿيندو جيڪي ڪيس هلائڻ چاهين ٿا، انهن کي ته ڪيس هلائڻ ڏيو.