اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) پارليامينٽ جو اجلاس شروع، ان موقعي تي صدر آصف علي زرداري پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪيو، صدر پاران معيشت کي درست دڳ تي آڻڻ لاءِ حڪومتي قدمن جي واکاڻ ڪئي.
پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم شهبازشريف، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، سرفراز بگٽي ۽ مريم نواز مهمانن جي گيلري ۾ موجود هئا.
صدر آصف علي زرداريءَ جو چوڻ هو ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز آهي، اسٽاڪ مارڪيٽ تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي.
صدر چيو ته معيشت مستحڪم ۽ ناڻي جي مٽاسٽا وارن ذخيرن ۾ واڌ ٿي آهي، ٽيڪس نظام ۾ سڌارا وقت جي ضرورت آهي.
صدر آصف چيو ته ملڪ ۾ ٽيڪس جو منصفاڻو نظام لاڳو ٿيڻ گهرجي، پاڪستان جي بهتر مستقبل لاءِ عزم سان ڪم ڪرڻو پوندو، ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ واڌ ٿي آهي.
هن چيو ته هڪ سال دوران ملڪ جي معيشت بهتر ٿي آهي، اسان کي عوام جي خدمت جي شعبي تي خاص ڌيان ڏيڻو پوندو، اسان کي گڊ گورننس ۽ سياسي استحڪام کي هٿي ڏيڻي آهي.
آصف زرداري چيو ته جمهوري نظام جي مضبوطي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، ملڪ کي يڪجهتي ۽ سياسي استحڪام جي ضرورت آهي.
ملڪ ۾ سماجي انصاف کي هٿي ڏيارڻ ضروري آهي، عوامي ڀلائي وارن منصوبن تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، اسان سڀني کي عوام جي اميدن تي پورو لهڻو پوندو.
صدر چيو ته پٺتي پيل علائقن جي ترقي تي خاص ڌيان ڏيڻ گهرجي، قانون جي حڪمراني تي عوام جو اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ محنت ڪرڻي پوندي.
هن چيو ته پارليامينٽ ۽ حڪومت ايندڙ بجٽ ۾ عوام کي حقيقي رليف فراهم ڪن، وياج جي شرح ۾ گهٽتائي ٿي آهي، روزگار جا ذريعا پيدا ڪرڻا پوندا.