ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ سرڪار هڪ سال دوران ڪيترائي منصوبا مڪمل ڪيا، 13 هزار کان وڌيڪ شاگردن کي اسڪالر شپ ڏني وئي.
سال جي ڪارڪردگي بابت تقريب جي شريڪن سان ڳالهائيندي وڏي وزير جو چوڻ هو ته هڪ لک 68 هزار هارين کي بينظير ڪارڊ ذريعي فائدو ڏنو ويو.
2 لک خاندانن کي سولر سسٽم ڏيڻ. جو منصوبو جاري آهي، ايندڙ سال تائين پنج لک خاندانن کي سولر يونٽ فراهم ڪيا ويندا.
وڏي وزير چيو ته ٻوڏ متاثرن کي 20 لک گهر ٺاهڻ جو عمل به جاري آهي، سنڌ سرڪار ڊجيٽلائيزيشن ڏانهن وڌي رهي آهي، جنهن ذريعي ٻوڏ متاثر گهرن بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگهندا.
مراد علي شاهه سنڌ حڪومت جي هڪ سال جي ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪندي چيو ته سال دوران روڊن جي اڏاوت جون 196 رٿائون مڪمل ڪيون ويون.
حيدرآباد، سکر، بدين، ٽنڊو الهيار ۽ ٿر ۾ روڊن جو ڄار وڇايو ويو آهي، سال اڳ ڪراچي ۾ شروع ڪيل پيپلز بس سروس هاڻي ڇهن شهرن ۾ هلي رهي آهي.