ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف ٺهراءُ پيش.
وڏي وزير مراد علي شاهه ڪئنال ڪڍڻ خلاف ٺهراءُ ايوان ۾ پيش ڪيو، ٺهراءَ جي متن ۾ چيو ويو آهي ته ايوان مطالبو ڪري ٿو ته چولستان سميت ڪنهن به ڪينال تي ڪم بند ڪيو وڃي.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جي آئيني حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي، غيرقانوني طور تي سنڌو مان ڪينال نٿا ڪڍي سگهجن.
هو سنڌو درياهه مان 6 تڪراري ڪينال ڪڍڻ کي رد ڪن ٿا، سنڌ جو پاڻي ڪنهن ٻئي کي نه ڏينداسين.
ان موقعي تي آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو ته پ پ واحد پارٽي آهي، جنهن پاڻي جي منصفاڻي ورڇ تي ڳالهايو.
سنڌ جي هر مسئلي تي پيپلزپارٽي هر فورم تي آواز اٿاريو آهي، صدر آصف علي زرداري ڪئنال ٺاهڻ جي منظوري ناهي ڏني، ڪو ثبوت آهي ته ڏيکاريو وڃي.