ميرپورخاص (ويب ڊيسڪ) ميرپورخاص ويجهو ڪمند جي فصل مان اڌڙوٽ شخص جو لاش هٿ آيو.
55 ورهين جي جاويد لغاري جي نالي سان سڃاڻپ سان ڪئي وئي، پوليس موجب ظاهري طور موت جو سبب بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب لڳي ٿو.
پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته لاش جو پوسٽ مارٽم ۽ جاچ بعد موت جا حقيقي سبب سامهون ايندا.