ڪوئيٽا (نيشنل ڊيسڪ) جعفر ايڪسپريس حملي جي شهيدن جا مڙهه ۽ زخمين کي مچ ريلوي اسٽيشن پهچايو ويو.
25 شهيدن جا مڙهه مچ ريلوي اسٽيشن تي موجود، ضلعي انتظاميا موجب شهيدن جي ميتن کي سڃاڻپ بعد سندن اباڻي علائقن ڏانهن اماڻيو ويندو.
متاثر مسافرن کي ضروري ڪارروائي بعد اباڻن علائقن ڏانهن روانو ڪيو ويندو.
ڊي جي آءِ ايس پي ترجمان جو چوڻ آهي ته آپريشن کان پهرين دهشتگردن 21 مسافرن کي شهيد ڪيو.
آپريشن دوران سمورن 33 دهشتگردن کي ماريو ويو، دهشتگردن جي خلاف آپريشن دوران ايف سي جا 4 اهلڪار به شهيد ٿيا.