تازہ ترین

پي ٽي آءِ جعفر ايڪسپريس سانهي تي سوشل ميڊيا تي پروپئگنڊه ڪئي: خواجه آصف

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) دفاع واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته گذريل 3 ڏينهن کان جعفر ايڪسپريس وارو افسوسناڪ سانحو هلي رهيو هو، اسان جي هٿياربند فوج ان کي وڏي سانحي ۾ بدلجڻ کان بچايو، نه ته خدا نه ڪري ها ته وڏي پئماني تي موت واقع ٿين ها.

قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي خواجه آصف چيو ته فورسز جي جوانن گھٽ ۾ گھٽ نقصان سان دهشتگردن کي ماريو، قوم کي پاڪ فوج تي فخر آهي، انشاءُالله دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ اسان ڪامياب ٿي وينداسين.

خواجه آصف چيو ته لسانيت جي بنياد تي جھڙيءَ ريت مسافرن کي الڳ ڪيو ويو، اهو افسوسناڪ عمل آهي ۽ ان کان وڌيڪ افسوس جي ڳالهه ته پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تان ان واقعي تي پروپئگنڊا ڪرڻ هو، اهو سڀني ڏٺو، پي ٽي آءِ وارا چون ٿا ته دهشتگردن پاڻ يرغمالين کي ڇڏي ڏنو، فوج انهن کي ناهي ڇڏرايو.

ان دوران پي ٽي آءِ جي ميمبرن گوڙ ڪيو ۽ مطالبو ڪيو ته اهڙن ماڻهن جا نالا وٺو، ان تي خواجه آصف چيو ته مان اهڙن ماڻهن جا نالا ڇو کڻان، ۽ ايوان جو تقدس مجروح ڪيان، جن ۾ ايتري همٿ ناهي ته هو ملڪ ۾ رهي پنهنجو ڪيس پيش ڪن.

خواجه آصف جو چوڻ هو ته اسان سياستدان جيستائين 77 سالن جي غلطين جو اعتراف نه ڪنداسين، اسان اڳتي وڌي نه سگھنداسين.

هن عمر ايوب جو نالو کڻڻ کان سواءِ تنقيد ڪندي چيو ته هن ئي ايوان ۾ ڪالهه اسان کي اهڙن ماڻهن 47 فارم جو طعنو ڏنو ، جن جي بزرگن پهريون ڀيرو ملڪي آئين ٽوڙيو آمريت قائم ڪئي، قانون جا بکيا اڊيڙيا.

هن چيو ته هنن ماڻهن کان انهن جا حق کسيا، ڪروڙين ماڻهن کان حق کسي بنيادي جمهوريت جي نالي تي 80 ماڻهن کي اهو حق ڏنو ويو هو، اهڙا ماڻهو ڳالهائيندا آهن ته تڪليف ٿيندي آهي، ڇا اهڙن ماڻهن پنهنجو ماضي وساري ڇڏيو آهي؟

خواجه آصف چيو ته منهنجو هڪ ڀيرو مارشل لائي حڪومت سان تعلق رکيو، ان تي به ڪئين ڀيرا معذرت ڪري چڪو آهيان، اڄ وري معافي وٺان ٿو، هن ايوان ۾ ڪيترائي اهڙا ماڻهو ويٺا آهن جن جمهوريت جي لاءِ قربانيون ڏنيون آهن.

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com