تازہ ترین

پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نيشنل ايڪشن پلان ٽو جوڙڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو آهي ته دهشتگرديءَ جي باهه چئني صوبن ۾ ڀڙڪي رهي آهي.

قومي اسيمبليءَ جي اجلاس کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دهشتگرديءَ خلاف هر صوبي جو پنهنجو نظريو آهي.

ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي ڀيٽا پيش ڪريون ٿا، دهشتگردي جي ڪري پيپلزپارٽي ۽ پاڪستان کي گهڻو نقصان پهتو.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ننڍپڻ ۾ مون کي وزيراعظم هائوس مان اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ ملڪ ۾ دهشتگرديءَ جي واقعن ۾ واڌ ٿي.

هن چيو ته محترمه بينظير ڀٽو کي به شهيد ڪيو ويو، پيپلزپارٽي هر قسم جي دهشتگرديءَ جي مذمت ڪري ٿي. پيپلزپارٽي به دهشتگرديءَ جو شڪار رهي آهي.

دهشتگردي جي ڪري ملڪ کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي، دهشتگرديءَ ۽ سياسي انتهاپسندي سبب ملڪ کي نقصان پهتو، پاڪستان جي ترقي لاءِ دهشتگرديءَ جو خاتمو اڻٽر آهي.

پ پ چيئرمين چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ جو مسئلو نئون نه پر پراڻو آهي، فوج ۽ پوليس دهشتگرديءَ خلاف قربانيون ڏنيون آهن.

بلاول ڀٽو زرداري نيشنل ايڪشن پلان ٽو جوڙڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، هن چيو ته نوازشريف پنهنجي دور ۾ نيشنل ايڪشن پلان جوڙيو هو.

اسان سڀني کي گڏجي دهشتگرديءَ جو مقابلو ڪرڻو پوندو، دهشتگردن جو مقصد رڳو رتوڇاڻ آهي، دهشتگردن جو ڪو به مذهب ناهي، هو رڳو رتو ڇاڻ چاهين ٿا.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دهشتگرديءَ خلاف سمورين پارٽين جو هڪ موقف هجڻ گهرجي، صدر آصف علي زرداري جي تقرير دوران ايوان ۾ گوڙ ڪيو ويو. صدر آصف علي زرداري دهشتگردي ۽ معيشت تي ڳالهايو،

صدر گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس ۾ پاڻي جي معاملي تي به ڳالهايو، صدر آصف علي زرداري تڪراري ڪينالن جي مخالفت ڪئي.

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com