ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تڪراري ڪئنالن خلاف سموري سنڌ مِڙي مُٺ ٿي وئي، شهرن، ٻهراڙين واهڻ وستي احتجاج، سياسي سماجي ڌرين، شهرين، شاگردن ۽ شاگردياڻين احتجاجي ريليون ڪڍي مظاهرا ۽ ڌرڻا هڻي سنڌو درياءَ تي ڪنهن به ڪئنال کي رد ڪري ڇڏيو.
خيرپور، بدين، ڪوٽڙي، گمبٽ، اسلام ڪوٽ، باڊهه ۾ احتجاج، سيتا روڊ، فيض گنج، تلهار، وارهه، ميرپور بٺورو، ڪنب ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاجي ريليون ڪڍي مظاهرا ڪيا ويا.
اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سنڌو مٿان ڪينال اڏڻ جو مطلب سنڌ کي معاشي طور تباهه ڪرڻ آهي، فوري طور سنڌو درياءَ مٿان ڪينال اڏڻ وارو سنڌ دشمن منصوبو ختم ڪيو وڃي.