ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار شاهه چيو آهي ته ڪينالن واري معاملي تي سنڌ جو ڪيس مضبوط آهي.
سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ سنڌو درياهه تي ڪئنالن جي اڏاوت خلاف ٺهراءَ پيش ٿيڻ بعد سنڌ اسيمبليءَ ۾ ڳالهائيندي سردار شاهه جو چوڻ هو ته درياهه رڳو هڪ درياهه نه پر هڪ احساس ۽ جياپو آهي.
اسان تجربا ڪري پنهنجن ٻارڙن جو مستقبل تباهه ڪيو آهي، ريگستان کي آباد ڪرڻ ناممڪن آهي،
سيد سردار شاهه چيو ته سنڌ جي ماڻهن وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، سنڌ تي رحم ڪيو، سنڌو درياهه کي زنجيرون هڻي اتي پهچايو ويو جو جر کارو ٿي ويو آهي.
پنجاب حڪومت ريگستان کي آباد ڪرڻ لاءِ گلشن کي اجاڙڻ چاهي ٿي، ڀارت ٽن درياهن جو رخ موڙيو پر ريگستان کي آباد ڪري نه سگهيو، پاڪستان کي بچائڻو آهي ته سنڌ جي ماڻهن تي رحم ڪيو وڃي.