برمنگھم (ويب ڊيسڪ) برطانيا ۾ قتل ٿيل 10 ورهين جي نينگري ساره شريف جي قاتل والدين جي سزا گهٽائڻ جي اپيل رد.
ٽن ججن رائل ڪورٽ آف جسٽس ۾ سزائن ۾ گهٽتائي لاءِ اپيل جي ٻڌڻي ڪئي.
برطانوي عدالت ساره شريف جي قتل ڪيس ۾ سندس پيءُ عرفان ۽ ويڳي ماءُ بينش بتول کي عمر قيد ۽ چاچَي فيصل ملڪ کي 16 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي.