ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي: سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته هاڻ ماڻهو لاڳاپيل شعبي بابت پنهنجي سي وي اپ لوڊ ڪري سگهندا.
سنڌ حڪومت جي انفارميشن کاتي جي پورٽل جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هن ايپ ۾ رڳو پڙهيل لکيل نه پر هنرمند به سي وي اپ لوڊ ڪري سگهن ٿا.
اسان سنڌ ۾ ملازمت جي خواهشمند ماڻهن لاءِ پورٽل ٺاهيو آهي، هن پورٽل سان رڳو سرڪاري نه پر خانگي ادارن ۾ به ملازمت جا موقعا ملندا.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت پارٽي قيادت جي ويزن موجب ڪم ڪري پئي، سنڌ حڪومت صوبي جي ترقي لاءِ قدم کڻي رهي آهي.
ٽرانسپورٽ کاتي عورت ڊرائيورز کي تربيت ڏني آهي، ٻوڏ متاثرن کي 21 لک گهر ٺاهي ڏنا پيا وڃن، سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ ساڍا 7لک گهر ٺهي چڪا آهن.
سنڌ حڪومت جي پورٽل لانچنگ واري تقريب ۾ پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، مراد علي شاهه ۽ ٻيا تقريب ۾ موجود هئا.